انيس انصاري: فن ۽ شخصيت - ڪتاب

انيس انصاري: فن ۽ شخصيت - ڪتاب

انيس انصاري فن ۽ شخصيت

انيس انصاري- فن ۽ شخصيت (ڪتاب ):هي نامور محقق ۽ سياح اشتياق انصاريءَ جو پنهنجي والد انيس انصاريءَ جي سوانح ۽ ادبي خدمتن تي ايم.اي سنڌيءَ جو مونوگراف آهي، جيڪو ڪويتا پبلڪيشن حيدرآباد اپريل 2008ع ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ انيس انصاريءَ جي شخصيت ۽ ادبي پورهئي تي تفصيلي روشني وڌي وئي آهي. انيس انصاريءَ ڀرپور زندگي گذاري آهي. هو سماج سڌارڪ، موسيقيءَ جو ڄاڻو ۽ مهمان نواز شخص هو. اشتياق انصاريءَ پنهنجي والد جي مصروفيتن ۽ مشغولين جي ذڪر سان گڏ انيس انصاريءَ جي همعصر، اديبن جي راين خاندان جي علم ۽ ادب جي تفصيل ڇپيل مواد جي فهرست ۽ سندس افسانه نگاريءَ جي مختلف دورن تي تفصيل سان لکيو آهي. پڪي جلد سان 224 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو